لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي بيٽر فخر زمان پنهنجي فٽنيس بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
فخر زمان سوشل ميڊيا تي پنهنجي فٽنيس بابت اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرئوف جي تبصري تي ردعمل ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ اوپنر چيو ته ” هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ لاءِ 100 سيڪڙو فٽ نه هو. ان حوالي سان عاقب جاويد جي ڳالهه صحيح هئي.
هن وڌيڪ چيو ته هو 15 مارچ تي فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ شامل ٿيو.
واضح رهي ته اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرئوف فخر زمان جي فيلڊنگ واري تصوير شيئر ڪري سليڪشن ڪميٽي تي سوال اُٿاريو هو.
Prev Post
بالي ووڊ مسلم مخالف نظرئي جي پرچار جو ڳڙهه بڻجي ويو، ڪيرالا اسٽوري ٽو نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو
Next Post
You might also like