ايران جنگ، ٽرمپ کي سخت لوڏو، پهرين وڏي استعيفيٰ اچي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جنگ تي اختلافن سبب آمريڪا ۾ دهشتگردي ٽوڙ سينٽر جي سربراهه جو ڪينٽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي انٽيليجنس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جو ڪينٽ ايران جنگ کي غلط فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.
جو ڪينٽ جولاءِ 2025 ۾ ڪائونٽر ٽيرر ازم سينٽر جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو هو، هو آمريڪي اسپيشل فورسز ۽ سي آءِ اي جو اڳوڻو آفيسر به رهي چڪو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جو ڪينٽ چيو ته ايران اسان جي قوم لاءِ ڪو تڪڙو خطرو نه هو، آمريڪي قانون تحت جنگ شروع ڪرڻ لاءِ تڪڙو خطرو هجڻ ضروري آهي، ضمير موجب جنگ جي حمايت نٿو ڪري سگهان، هيءَ جنگ اسرائيل ۽ ان جي طاقتور آمريڪي لابي جي دٻاءَ تي شروع ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.