وزٽ ويزا جي نالي تي خطرناڪ راند! ڪراچي جي هوٽلن مان 33 عورتون ڇو حراست ۾ ورتيون ويون؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) انساني سمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
صدر جي علائقي ۾ هوٽلن تي ڇاپا هڻي 33 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي.
ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي پاسپورٽ آفيس صدر ڀرسان ٻن هوٽلن تي ڇاپا هنيا.
ڪارروائي دوران انساني سمگلر ۽ ايجنٽ به گرفتار ڪيا ويا، جوابدارن جي قبضي مان 29 پاسپورٽ ۽ ٻيو لاڳاپيل مواد برآمد ٿيو.
شروعاتي جاچ موجب عورتن کي وزٽ ويزا بهاني امارات موڪلڻو هو.
ايف آءِ اي موجب گرفتار عورتن کي جسم فروشي ۽ جنسي استحصال لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو هو.
جوابدارن خلاف 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ايف آءِ اي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٻين امڪاني شريڪ جوابدارن تائين به پهچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.