آسڪر ايوارڊ ۾ ڌرميندر نظرانداز، هيما مالنيءَ جو ردعمل!

بالي ووڊ اداڪارا هيما مالني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ليجنڊ اداڪار ڌرميندر جي اصل ڪاميابي عوام جي محبت هئي.

ڀارتي رپورٽس موجب ڌرميندر کي 98هين اڪيڊمي ايوارڊز جي لائيو نشريات ۾ ”ان ميموريم“ حصي ۾ شامل نه ڪرڻ تي ڀارتي مداحن مايوسيءَ جو اظهار ڪيو.

آسڪر ايوارڊز جي سرڪاري ويب سائيٽ تي ليجنڊ اداڪار جو نالو ته موجود هو پر لائيو ٽي وي نشريات ۾ سندس ذڪر نه هيو. گذريل مهيني ان جي ابتڙ 78 برطانوي اڪيڊمي فلم ايوارڊز ۾ ڌرميندر کي ”ان ميموريم“ زريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

رپورٽس موجب ان معاملي تي هيما مالني رد عمل ڏيندي چيو ته ڌرميندر کي ان ڳالهه جي پرواهه نه هوندي هئي ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ايوارڊز مليا.

هن وڌيڪ چيو ته ڌرميندر جي اصل ڪاميابي عوام جي محبت هئي، آسڪر ايوارڊ جو رويو افسوسناڪ ضرور آهي، پر ڌرم جيءَ کي ان جي پرواهه ڇو هوندي؟

ڀارتي رپورٽس موجب هيما مالني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڪيڊمي ايواڊز لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي، هنن اهڙي اداڪار کي نظرانداز ڪيو آهي جيڪو دنيا جي مختلف حصن ۾ وڏو نالو قائم ڪري ويو آهي.

بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گذريل سال 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ان موقعي تي سندس گهرواري چيو ته ليجنڊ اداڪار جي مقبوليت سرحدن کان وڌيڪ پکڙيل آهي.

ٻي پاسي واهپيدارن ۽ مداحن به سوشل ميڊيا تي آسڪر ايوارڊ جي اهڙي قدم تي حيرت ۽ مايوسيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.