جڳ مشهور سرچ انجڻ گوگل پنهنجي ويب برائوزرا گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ارب واهپيدارن لاءِ هنگامي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي.
فوربز موجب، ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته ڪروم برائوزر ۾ موجود ٻن خطرناڪ زيرو ڊي سيڪيورٽي خامين کي هيڪرز اڳ ئي حملن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ فوري سيڪيورٽي اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، گوگل هڪ هفتي اندر هي ٻي سيڪيورٽي اپڊيٽ جاري ڪئي آهي.
ان کان اڳ 3 مارچ تي هڪ اپڊيٽ جاري ڪئي وئي هئي جڏهن ته 10 مارچ واري اپڊيٽ ۾ 29 سيڪيورٽي خاميون درست ڪيون ويون هيون.
هاڻي ڪمپني هنگامي بنيادن تي هڪ ٻي اپڊيٽ جاري ڪئي آهي جيڪا ٻن نين زيرو ڊي خامين CVE-2026-3909 ۽ CVE-2026-3910 کي ٺيڪ ڪري ٿي.
زيرو ڊي خامي ڇا هوندي آهي؟
ماهرن موجب، زيرو ڊي خامي اهڙي سيڪيورٽي ڪمزوري کي چيو ويندو آهي جنهن جو فائدو هيڪرز ان وقت وٺندا آهن جڏهن ڪمپني کي ان جو پتو به نه هجي يا ان جو حل اڃا جاري نه ڪيو ويو هجي، گوگل اعتراف ڪيو آهي ته انهن خامين مان فائدو وٺندي حملا اڳ ئي شروع ٿي چڪا آهن.
حملو ڪيترو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو؟
گوگل جو چوڻ آهي ته اهڙين خامين جا مڪمل ٽيڪنيڪل تفصيل في الحال عام نه ڪيا ويندا.
ڪمپني موجب ”تفصيل تيستائين محدود رکيا ويندا جيستائين گهڻي ڀاڱي واهپيدار پنهنجو برائوزر اپڊيٽ ڪري وٺندا.“
هي ٻئي سيڪيورٽي خاميون ڪروم برائوزر جي بنيادي حصن کي متاثر ڪن ٿيون ۽ جنهن جي شدت وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي.
گوگل موجب، اهي خاميون ڪمپني جي پنهنجي سيڪيورٽي ماهرن دريافت ڪيون.
گوگل جي سائبر سيڪيورٽي ٽيم پروجيڪٽ زيرو به ان مقصد لاءِ ڪم ڪري ٿي، هي ٽيم 2014 ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ مختلف سافٽ ويئر ۽ هارڊويئر سسٽمز ۾ موجود خطرناڪ خامين جي نشاندهي ڪري ٿي.
ٽيم موجب ”اسان موبائل آپريٽنگ سسٽمز، ويب برائوزرز ۽ اوپن سورس لائبريريز جهڙن مشهور سافٽ ويئر ۾ سيڪيورٽي خامين تي تحقيق ڪندا آهيون.“
پروجيڪٽ زيرو موجب ” هن تحقيق جا نتيجا خطرناڪ سيڪيورٽي خامين کي درست ڪرڻ، حملن جا طريقا سمجهڻ ۽ ڊگهي مدي لاءِ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.“
ٻئي پاسي آمريڪي اداري سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي به سمورن ادارن کي جلد کان جلد ڪروم برائوزر اپڊيٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته گوگل ڪروم دنيا جو سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب برائوزر آهي، تنهنڪري واهپيدارن کي گهرجي ته ترت پنهنجو برائوزر جديد ورزن ۾ اپڊيٽ ڪن ته جيئن هو امڪاني سائبر حملن کان محفوظ رهي سگهن.