ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت ۽ ماڊل، ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي جو نئون گيت تڪرار جي ور چڙهي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، فلم ”ڪي ڊي: دي ڊيول“ جو گانو ”سرڪي چونر تيري سرڪي“ يوٽيوب تي رليز ٿيڻ کانپوءِ تنقيد جو نشانو بڻيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايڊووڪيٽ ونِيت جندال سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن وٽ شڪايت داخل ڪرائي ۽ گيت خلاف قانوني ايڪشن جي درخواست ڪئي.
شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته گيت جا ڪجهه ٻول اعتراض جوڳا آهن ۽ عوامي استعمال لاءِ مناسب نه آهن، جڏهن ته فلمبندي دوران به فحاشي ڏيکاري وئي آهي.
شڪايت موجب، اهڙا گانا ۽ ٻول ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ نامناسب آهن، تنهنڪري گاني تي فوري پابندي لڳائي وڃي.