اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي پريڊ ۽ ٻيون تقريبون نه ٿينديون.
وزيراعظم آفيس بچت پاليسي جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ته 23 مارچ تي يوم پاڪستان سادي پرچم ڪشائي جي تقريبن سان ملهايو ويندو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته يوم پاڪستان جي موقعي تي بچت پاليسي کي برقرار رکيو ويندو، سڀني وزارتن، ڊويزنز ۽ کاتن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته يوم پاڪستان سادگي سان ملهائين.
You might also like