وفاقي سرڪار يعني مسلم ليگ (ن) جي حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي تنهن تي سخت ردعمل ظاهر ٿيو آهي ۽ چوڻ وارن سوال پچيو آهي ته دنيا اندر جيڪي جنگيون ڪيون وڃن ٿيون سي سرڪاري ملازم ڪن ٿا جو سندن پگهارون ڪٽيون وڃن ٿيون. جيڪي حڪمران جنگيون ڪن ٿا سي پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن ۾ ڪٽوتي ڪن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وچ اوڀر جي جنگ سبب پيدا ٿيل معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت بچت وارن اپائن جي منظوري ڏني وئي هئي. ان اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته سرڪاري ملازمن ۽ خودمختيار ادارن جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪئي ويندي جڏهن ته وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن جي پگهارن تي صرف ٻن مهينن لاءِ پابندي هوندي پوءِ اها به خبر ناهي ته ان فيصلي تي واقعي به عمل ٿيندو يا نه، باقي پاڻ کي اها پڪ ضرور آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ضرور ڪٽوتي ٿيندي.
ان حڪومتي فيصلي بابت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضيءَ سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ ڪارپوريشن جي سمورن ملازمن جي پگهارن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ڪرڻ واري فيصلي تي سخت حيرت ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تيل جي اگهن ۾ اونئن ئي 55 روپين جي واڌاري سان عوام جي مالي بجيٽ تي سخت راتاهو ڏنو ويو آهي. تنهن ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ بلڪل به ڪٽوتي نه ٿيڻ گهرجي ها پر حڪومت عوام خاص طور تي ملازمن، پورهيتن، هارين کي رليف ڏيڻ بدران ان لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪي ملڪ سڌو سنئون جنگ ڪن ٿا ۽ ان مان متاثر آهن انهن ملڪن جي حڪومتن به عوام تي اهڙو مالي بار ناهي وڌو. سو ملڪي، علاقائي ۽ عالمي حالتن جو انتهائي ناجائز ۽ غلط فائدو ورتو پيو وڃي ۽ اهو سڀ آءِ ايم ايف جي هدفن کي پورو ڪرڻ ۽ سندس شرطن تحت ڪيو پيو وڃي. ڏسجي ته حڪمرانن، مالدار اشرافيه، خوشحال ۽ اعليٰ آفيسرن، اسٽيٽ بينڪ، مالياتي ادارن، اعليٰ مراعتن ۽ ڳرين پينشن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جي چڱي خاصي گنجائش موجود آهي جڏهن ته وچولي ۽ هيٺين طبقي تي پيٽروليم جي واڌ، بجلي ۽ گيس جي اگهن جو اونئن ئي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته اصولي طور تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيٽروليم، بجلي ۽ گيسن جي اگهن ۾ گهٽ ۾گهٽ 60 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ سڀني ملازمن جي پگهارن ۾ 60 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.
اسان مٿي ڄاڻايل موقف جي سئو سيڪڙو حمايت ڪيون ٿا. اهو موقف مڪمل طور تي عوام جي صورتحال عڪاسي ڪري ٿو. اسان ان موضوع تي لاڳيتو ايڊيٽوريل لکندا رهيا آهيون ۽ حڪومت کي ان حوالي سان عوام جي مجموعي ردعمل کان آگاهه به ڪندا رهيا آهيون ۽ گڏوگڏ ان المئي تي ماتم به ڪندا رهيا آهيون ته اهو ظلم عوام دوست حڪومت نه هئڻ سبب ٿي رهيو آهي ۽ ان جو ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جا حڪمران جيڪي چونڊ مهم ۾ خدمت گار طور عوام ڏانهن ويندا آهن سي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوام جو ”خادم“ بڻجڻ بدران انهن جا ”حڪمران“ بڻجي حڪومت ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن به ناهي ته ڪو عوام اها ڳالهه نٿو سمجهي، اهو سڀ سمجهي ٿو پر جيڪڏهن ڪو عوام جي نفسيات نٿو سمجهي ۽ ان جي ردعمل کي اهميت نٿو ڏئي اهي به حڪمران ئي آهن. باوجود ان جي ته عوام جي مزاحمتي ۽ فيصلائتي جدوجهد جا مثال تاريخ ۾ موجود آهن پر اهو اقتدار جو نشو هوندو آهي جيڪو تاريخ ۽ زميني حقيقتن کي سمجهڻ کان غافل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندن اقتدار جو نشو تڏهن لهندو آهي جڏهن ڪير کين اقتدار جي مسند تان ڦٽو ڪري هيٺ اڇليندو آهي پر تيستائين دير ٿي چڪي هوندي آهي. اسان اهو به لکندا رهيا آهيون ته ڪنهن به فرد يا سياسي جماعت کي جڏهن ڪو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته اهو اصل ۾ تاريخ طرفان کين پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو هوندو آهي پر افسوس ته حڪمران تاريخ طرفان کين پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ تاريخ ۾ اهي عوام دشمن حڪمران طور ياد رکيا ويندا آهن. جڏهن ته تاريخ ۾ هميشه عوام دوست حڪمران ئي ياد ڪيا ويندا آهن.
اسان جو ڪم بنيادي طور تي اقتداري ايوانن تائين عوامي مسئلا ۽ سندن آواز پهچائڻ هوندو آهي ۽ کين ٻڌائڻ هوندو آهي ته اوهان جي ڦلاڻن ڦلاڻن فيصلن جو عوام تي ڪهڙو اثر پيو آهي ته جيئن اهي عوام جي ڪنهن به امڪاني ردعمل کان واقف هجن. ڇاڪاڻ ته حڪومت سان جيڪي وزير ۽ صلاحڪار ويٺل هوندا آهن سي کين هميشه اهو ٻڌائيندا آهن ته ”سڀ سٺو آهي“ جڏهن ته حقيقت ۾ سڀ خراب هوندو آهي پر اهي حڪمرانن جي ناراضگي ۽ ردعمل ۾ امڪاني عتاب کان بچڻ لاءِ سڀ سٺو واري رپورٽ سندن آڏو پيش ڪري کين گمراهه ڪندا آهن. سڀ سٺو تڏهن ٿيندو جڏهن عوام دوست حڪمران حڪومت ڪن ۽ عوام دوست فيصلا ڪن. ڏکئي وقت ۾ پاڻ کي قرباني لاءِ پيش ڪن پر هتي هميشه هيٺين ۽ وچولي عوامي طبقي کان قرباني ورتي ويندي آهي.
هن وقت ڏسجي ته عوام وٽ قربان ڪرڻ لاءِ ڪجهه بچيو ئي ناهي. اهي خودڪشين تي لهي آيا آهن ۽ ٻارين ٻچين خودڪشي ڪري رهيا آهن. عوام وٽ قرباني جو اهو ئي آپشن بچيو آهي ۽ هوڏانهن حڪمرانن جي بي حسي جو عالم اهو آهي ته نه انهن عوام جو روزي ۾ احترام ڪيو نه سندن عيد جو موقعو ڏٺو جڏهن ته وچ اوڀر جي جنگ جا اثر مهيني کان پوءِ ظاهر ٿيڻا هيا پر حڪومت پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ ۾ سڀني ملڪن کان اڳ پنهنجي عوام تي تيل جو بم اڇلايو ۽ هاڻي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به ڪٽوتي ڪري سندن صبر لبريز ڪيو ويو آهي. عوام جيتوڻيڪ رمضان مهيني ۽ عيد جي ڪري عارضي طور خاموش آهي پر اها خاموشي ڪنهن وڏي طوفان ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي جنهن جو حڪمرانن کي اندازو ناهي.