ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص تعليمي بورڊ طرفان هزارين افغانين کي ميٽرڪ جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اي ايس پي قرت العين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته افغان شهرين جعلي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا، سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ لاءِ 50 هزار کان 5 لک رپيا وصول ڪيا ويا.
ايس ايس پي موجب ڪرپشن ڪيس ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي سيڪريٽ برانچ جي انچارج سميت 2 ڄڻا گرفتار آهن، اينٽي ڪرپشن به بورڊ جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس تعليمي بورڊ ۽ سيڪريٽ برانچ جي انچارج اعظم خان کي به ميڊيا سامهون پيش آيو، جنهن اعتراف ڪيو ته نمبر وڌائڻ لاءِ 50 هزار کان هڪ لک رپيا وصول ڪندا هئاسين، جعلي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ لاءِ 5 لک رپيا وٺندا هئاسين.
جوابدار ٻڌايو ته ٻه سرڪاري ۽ ٻه نجي اسڪول ان معاملي ۾ ملوث هئا، اهي اسڪول پڪي سرٽيفڪيٽ لاءِ جعلي تصديق ناما جاري ڪندا هئا، ڪنٽرولر بورڊ انور عليم ان سڄي معاملي جو مک ڪردار هو، پيسن جي ڏيتي ليتي جو سڄو حساب امتحانن جي ڪنٽرولر وٽ هو.
ميرپورخاص تعليمي بورڊ طرفان هزارين افغانين کي ميٽرڪ جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو انڪشاف
You might also like