رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل عورتن تي دڪان جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب 8 عورتون فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيون.
ريسڪيو موجب واقعو چڪ 125 پي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن وڏي انگ ۾ عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ هڪ دڪان اندر موجود هيون.
حادثي ۾ 8 عورتون فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
بي آءِ ايس پي رقم جي ورهاست دوران دڪان جي ڇت ڪِري پئي، 8 عورتون فوت، ڪيتريون ئي زخمي
You might also like