برطانيا جو ايران خلاف جنگ جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ايران خلاف جنگ جو حصو نه بڻجنداسين پر خطي ۾ سامونڊي اچ وڃ جي بحالي ۽ آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ اتحادي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.
پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيئر اسٽارمر چيو ته آبناءِ هرمز کي کولرائڻ سولو ڪم ناهي پر ان کي جلد بحال ڪرڻ ضروري آهي، ان مقصد لاءِ اتحادين سان گڏجي قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته آبناءِ هرمز جي معاملي تي هڪ عمل جوڳي منصوبي جي ضرورت آهي پر ان تي اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، آبناءِ هرمز جو معاملو نيٽو جو مشن نه بڻجندو.
سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جنگ سبب تيل اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ عالمي معيشت متاثر ٿي رهي آهي، برطانيا تڪرار جي حل لاءِ ڪم ڪندو رهندو ۽ وقت ٻڌائيندو ته جنگ بابت برطانيا جو موقف درست هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.