پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي مالي معاملن واري مشير مزمل اسلم وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته تحريڪِ انصاف جي دور ۾ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي، تڏهن حڪومت عوام کي 24 رپيا في ليٽرايڊجسٽمينٽ رليف ڏنو هو. هن چيو ته ان وقت جي حڪومت پيٽروليم ليوي ۽ سيلز ٽيڪس کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو هو ته جيئن عوام تي اضافي بار نه پوي، جنهن تي اپوزيشن ان فيصلي کي آءِ ايم ايف جي خلاف قرار ڏنو هو. مزمل اسلم پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت به ساڳي صورتحال ۾ بيٺل آهي پر عوام کي رليف ڏيڻ بدران قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. هن انڪشاف ڪيو ته هڪ هفتي اندر گاسليٽ جي اگهه ۾ 170 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. هن وفاقي حڪومت کي مشورو ڏنو ته قيمتن جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪسن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي سياسي اڳواڻ شفيق جان پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته عمران خان جي دور ۾ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 120 ڊالر في بيرل تائين پهتي هئي، تڏهن به حڪومت عوام کي 150 رپيا في ليٽر پيٽرول فراهم ڪري رهي هئي. شفيق جان وڌيڪ چيو ته ان وقت عمران خان پيٽروليم ليوي کي 20 رپين مان گهٽائي ٻُڙي ڪري ڇڏيو هو ۽ 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس کي به مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو هو.