آپريشن غضب للحق: پاڪ فوج جي قنڌار ۾ فضائي ڪارروائي، طالبان جو ٽيڪنيڪل سپورٽ نظام تباهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آپريشن غضب للحق تحت پاڪ فوج افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد عنصرن خلاف اثرائتي فضائي ڪارروائي ڪندي قنڌار ۾ افغان طالبان جي ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج 14 ۽ 15 مارچ جي وچين رات ڪارروائي ڪندي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج سان سلهاڙيل دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ ڪجهه فوجي نوعيت جي اثاثن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
ذريعن موجب ان فضائي حملي ۾ قنڌار ۾ قائم ٽيڪنيڪل سپورٽ انفرا اسٽرڪچر ۽ ايڪوپمينٽ اسٽوريج کي اثرائتي انداز ۾ تباهه ڪيو ويو، اهي سهولتون مبينا طور افغان طالبان ۽ دهشتگرد گروهن طرفان مواصلاتي ۽ ٽيڪنيڪي مدد لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي انفرا اسٽرڪچر دهشتگردن جي ڪارروائين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جنهن کي نشانو بڻائي ان نيٽ کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي.
اختيارين موجب ان ڪارروائي جو مقصد سرحد پار دهشتگردي جي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اندر حملن جي رٿابندي ڪندڙ عنصرن کي روڪڻ آهي.
ذريعن موجب آپريشن غضب للحق تحت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين مقرر هدف مڪمل طور حاصل نٿا ٿي وڃن.
سيڪيورٽي اختيارين واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.