تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ ٻين ملڪن، ايتري تائين جو چين کي به ايلاز ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي.
پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته خطي ۾ آمريڪي سيڪيورٽي ڇٽيءَ ۾ ڪيترائي سوراخ آهن، هاڻ اها ڇٽي تحفظ بدران مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب آهي.
هن چيو ته خطي جا ملڪ آمريڪا ۽ جارح ملڪن کي بي دخل ڪن، ڇو ته انهن ملڪن کي رڳو اسرائيل جي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته آبنائي هرمز آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کانسواءِ سڀني لاءِ کليل آهي.
آمريڪا آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ چين کي به ايلاز ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي: عباس عراقچي
You might also like