لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر زمان خان نيشنل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ دوران ڪُلهي جي انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب سندس پاڪستان سپر ليگ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، زمان خان پشاور ۽ فيصل آباد وچ ۾ ٿيل ميچ دوران زخمي ٿيو، سندس ڪلهي جو جوڙ نڪري ويو آهي.
پي سي بي زمان خان کي لاهور ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ميڊيڪل پئنل زمان خان جي بحالي ۽ ري هيب پلان تيار ڪندو.
ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته زمان خان جي فٽنيس جي بحالي ۾ 4 کان 6 هفتا لڳي سگهن ٿا.
واضح رهي ته فاسٽ بالر زمان خان پي ايس ايل ۾ راولپنڊي جي اسڪواڊ ۾ شامل هو.
You might also like