اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري افغان طالبان رجيم طرفان پاڪستاني شهري علائقن کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون حملن جي مذمت ڪئي آهي.
ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشت ۽ وحشياڻي طاقت ذريعي قائم ڪيل افغانستان جي غير قانوني حڪومت پنهنجي انهن ذميوارين تان مسلسل ڦري رهي آهي، جنهن تحت ان دهشتگرد گروهن کي محفوظ پناهگاهون فراهم نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.
هن چيو افغان دهشتگرد حڪومت اسان جي دوست ملڪن سان ڳالهين جي خواهشمند آهي ته ٻئي پاسي ان شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ڳاڙهي لڪير وارانگهي آهي، غير قانوني ۽ دهشتگرد طالبان حڪومت اها لڪير پار ڪري پنهنجي مٿان سنگين نتيجا مڙهيا آهن.
صدر آصف علي زرداري ڊرون جي ملبي سان زخمي ٿيندڙ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهن.
”دهشتگرد افغان حڪومت شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ڳاڙهي لڪير اورانگهي آهي“
You might also like