تهران/واشنگٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل ڏانهن ميزائلن جي نئين لهر فائر ڪري ڇڏي آهي، اسرائيلي فوج لبنان ۾ حزب الله جي هٿيارن جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوج ايران جي خارگ ٻيٽ تي وچ اوڀر جي تاريخ جا طاقتور ترين حملا ڪيا آهن، ايران به گڏيل عرب امارتن جي فجيرا بندرگاهه تي ڊرون حملا ڪيا آهن، عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ميزائل حملا ٿيا آهن، ٻئي پاسي ايران جو چوڻ آهي ته خارگ ٻيٽ تي آمريڪي بمباري دوران تيل وارا ٿاڪ محفوظ رهيا، جڏهن ته پر دفاعي ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي، سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس تي 5 آمريڪي جهاز متاثر ٿيا آهن، هوڏانهن جرمن چانسلر چيو ته ٽرمپ وٽ جنگ ختم ڪرڻ جي واضح حڪمت عملي ناهي.
ايران طرفان اسرائيل ڏانهن ميزائلن جي نئين لهر فائر ڪئي وئي آهي: آءِ ڊي ايف
اسرائيلي ڊفينس فورسز چيو آهي ته اڄ مقامي وقت موجب منجهند 12 لڳي 41 منٽن ايران اسرائيل ڏانهن ميزائلن جي هڪ نئين لهر فائر ڪئي آهي.
گذريل ڏهه ڪلاڪن دوران ايران طرفان اهو پهريون حملو آهي.
خارگ ٻيٽ تي آمريڪي حملي خطي ۾ خطرو وڌائي ڇڏيو: تجزئي نگار
آمريڪا طرفان اتر نار ۾ موجود ننڍڙي پر اهم ٻيٽ تي حملو ڪرڻ ايران جي معاشي شهه رڳ تي حملو ڪرڻ جي برابر آهي.
خارگ ايران جي تيل جي اٽڪل 90 سيڪڙو برآمدات جو ٽرمينل آهي، ڇو ته هتي پاڻي ايترو گهرو آهي جو تيل کي ٽينڪرن تي لوڊ ڪري سگهجي ٿو، جن کي ويري لارج ڪروڊ ڪيريئرز (VLCCs) چيو ويندو آهي.
جيڪڏهن صدر ٽرمپ هڪ وک اڳتي وڌي تيل جي اصل ٿاڪن کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته ان سان تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ان کان به وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ايران جو جوابي حملو ڪيترو شديد هوندو. جنگ جي ٻن هفتن کانپوءِ به ايران وٽ پنهنجي نار وارن عرب پاڙيسرين ڏانهن ڌماڪيدار ڊرون لانچ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
ايران امڪاني طور انهن هدفن کي به وڌائي سگهي ٿو، جن ۾ اهم انفراسٽرڪچر جهڙوڪ ”ڊي سيلينيشن پلانٽس“ شامل آهن، جيڪي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪن ٿا.
گڏيل عرب امارتن ۾ تيل ذخيرو ڪندڙ سڀ کان وڏي ڊپو تي ڊرون حملو
فجيرا جي بندرگاهه، جنهن کي ڊرون حملي ۾ نشانو بڻايو ويو آهي، گڏيل عرب امارتن لاءِ تمام اهم هنڌ ۽ وچ اوڀر ۾ تيل ذخيرو ڪرڻ وارن وڏن ڊپوز مان هڪ آهي، هي سامونڊي جهازن ۾ ٻارڻ ڀرڻ لاءِ به اهم هنڌ آهي.
فجيرا ايراني نار بدران نار عمان جي حدن ۾ اچي ٿو، تنهنڪري جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي ضرورت ناهي.
واضح رهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ عملي طور آبناءِ هرمز بند آهي.
اڄ آن لائين شيئر ڪيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گڏيل عرب امارتن جي اوڀر سامونڊي ڪناري وٽ قائم ڪمپليڪس مان دونهين جا ڪڪر اڀري رهيا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن ئي ايراني هٿياربند فوجن گڏيل عرب امارتن جي بندرگاهن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي انهن هنڌن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ايران جو مرڪزي اسرائيل ۾ ميزائل حملو: اسرائيلي فوج
مرڪزي اسرائيل جي شهر شوهام مان ڪجهه نيون تصويرون سامهون آيون آهن، جتي رات دير سان ٿيل ميزائل حملي ۾ هڪ رهائشي عمارت جي ڇِت اڏامي وئي.
اسرائيلي ڊفينس فورسز موجب، گذريل رات ايران طرفان اسرائيل کي نشانو بڻائيندڙ ميزائلن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.
موقعي تي هوم فرنٽ ڪمانڊ جا اهلڪار ۽ ايمرجنسي امدادي سروس جا ڪارڪن نقصان جو جائزو وٺندي ڏٺا ويا.
اسرائيلي فوج پاران ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي هٿيارن جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڏکڻ لبنان ۾ هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو آهي.
اسرائيلي فوج موجب، جمعي ڏينهن ايران حمايت يافته هٿياربند گروپ حزب الله جي ميمبرن کي المجادل علائقي ۾ قائم هڪ عمارت ۾ راڪيٽ کڻي ويندي ڏٺو ويو هو.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو ته اسرائيلي هوائي فوج هٿيارن جي گودام کي نشانو بڻايو ۽ حزب الله جي انهن ميمبرن کي ختم ڪري ڇڏيو.
ايران جو اسرائيل تي حملن جي نئين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته هن اسرائيل خلاف حملن جي 48هين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
ايراني خابرو اداري ارنا موجب، اهي حملا لبنان ۾ حزب الله سان گڏجي هڪ ئي وقت ڪيا پيا وڃن.
اسرائيلي فوج طرفان ايراني شهر تبريز جي رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ
اسرائيلي فوج اولهه ايران جي شهر تبريز جي هڪ صنعتي علائقي جي ماڻهن کي اتان نڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي.
اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل الرٽ سان سان گڏ علائقي جو نقشو پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ” ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر ان علائقي ۾ سرگرم ٿيندي.“
اسرائيلي فوج ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي حفاظت خاطر فوري طور علائقو ڇڏي ڏين، ڇو ته اتي موجود ماڻهن جي جان کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
خارگ ٻيٽ تي آمريڪي حملي ۾ تيل جي ٿاڪن کي نقصان ناهي پهتو: ايران
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته آمريڪي فوج ايران جي خارگ ٻيٽ تي بمباري ڪئي آهي.
بهرحال هن چيو ته ان حملي ۾ ٻيٽ تي موجود ايراني تيل جي ٿاڪن کي نشانو ناهي بڻايو ويو.
واضح رهي ته ان ٻيٽ تي ايران جي ”تيل جي لائف لائن“ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ايران جي ڪچي تيل جي برآمدات جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حصو هتان کان گذري ٿو.
پاسدارانِ انقلاب سان واڳيل فارس نيوز ايجنسي موجب، حملي دوران ٻيٽ تي 15 ڌماڪا ٻڌا ويا.
ايجنسي موجب، حملي ۾ ايئر ڊفينس سسٽم، سامونڊي بندرگاهه، ايئرپورٽ ڪنٽرول ٽاور ۽ هيلي ڪاپٽر هينگر کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايراني سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملي ۾ تيل جي ٿاڪن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي.
اماراتي ڊفينس سسٽم گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ٻيو ڊرون ناڪارا بڻائي ڇڏيو
دبئي ميڊيا آفيس موجب، اماراتي ايئر ڊفينس سسٽم گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ٻيو ڊرون ڪِيرايو، تباهه ٿيل ڊرون جو ملبو سينٽرل دبئي جي هڪ عمارت جي ٻاهرئين حصي سان ٽڪرائجي ويو، واقعي ۾ ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ناهي مليو ۽ نه ئي باهه لڳي.
ايراني جهاز آئرِس دينا تي حملي جو جواب ڏنو ويندو: ايراني فوج جو سربراهه
ايراني فوج جي ڪمانڊر ان چيف امير حاتمي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عربي سمنڊ گذريل ڏينهن ايراني جهاز آئرِس دينا تي ٿيل حملي جو جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته دينا ڊسٽروئر جي عملي کي پرامن مشن مڪمل ڪري ايران واپس ويندي نشانو بڻايو ويو، ايراني سيلرز تي سڌي ريت جنگ ۾ مصروف نه هئڻ باوجود حملو ڪيو ويو، آئرِس دينا جو نالو ۽ عملي جي قرباني ايراني بحري تاريخ ۾ بهادري جي علامت رهندي.
آپگهاتي ڊرون بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ايئر ڊفينس سسٽم کي نشانو بڻايو: ايران
ايراني ميڊيا موجب، آپگهاتي ڊرون بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ايئر ڊفينس سسٽم کي نشانو بڻايو آهي.
ايراني پاسداران انقلاب گارڊز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صهيوني رياست جي اڳواڻن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي فوج جي 3 هنڌن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عراق کانسواءِ قطر جي العديد ايئر بيس تي به ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.
عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ڪمپائونڊ اندر ميزائل حملو
عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ڪمپائونڊ اندر هيلي پيڊ تي ميزائل سان حملو ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتخاني جي ڪمپائونڊ مان دونهون نڪرندي ڏٺو ويو آهي.
ٻئي پاسي بيروت ۾ اسرائيل هڪ ڪلينڪ تي ميزائل حملاڪيا جنهن جي نتيجي ۾ طبي عملي جا 12 ميمبر حياتي وڃائي ويٺا.
آمريڪا ايران ۾ پنهنجي فتح جو اعلان ڪري ۽ اتان نڪري وڃي: ٽرمپ کي صلاحڪار جو مشورو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار کيس مشورو ڏني آهي ته آمريڪا ايران ۾ پنهنجي فتح جو اعلان ڪري ۽ اتان نڪري وڃي.
ٻئي پاسي آمريڪا ايران جي خارگ ٻيٽ تي شديد بمباري ڪئي ۽ ان حوالي سان آمريڪي صدر چيو ته اڄ آمريڪي فوجن ايران جي ٻيٽ ۽ فوجي هدفن تي وچ اوڀر جي تاريخ جا طاقتور ترين حملا ڪيا آهن.
آمريڪا ٻن هفتن جي جنگ کانپوءِ دنيا کان روسي تيل خريدڻ جي خيرات گهري رهيو آهي: ايران
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ڪيئي مهينن تائين ڀارت کي روسي تيل نه خريدڻ تي مجبور ڪيو، يورپ کي ڀُل هئي ته روس خلاف آمريڪي حمايت ملندي ۽ هاڻي ٻن هفتن جي جنگ کانپوءِ آمريڪا دنيا کان روسي تيل خريدڻ جي خيرات گهري رهيو آهي.
ٽرمپ وٽ ايراني نار ۾ جنگ ختم ڪرڻ جي واضح حڪمت عملي ناهي: جرمن چانسلر
جرمن چانسلر ايران ۾ جنگ واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
جرمن چانسلر چيو ته ايران جنگ جرمني جي توانائي وارن اگهن تي سخت اثرانداز ٿي رهي آهي، ٽرمپ وٽ ايراني نار ۾ جنگ ختم ڪرڻ جي واضح حڪمت عملي ناهي.
ياد رهي ته گذريل هفتي جرمن چانسلر ۽ آمريڪي صدر ايران جنگ جي مقصدن بابت هڪ ئي پيج تي هئا.
آمريڪي فوجين ايران جي خارگ ٻيٽ تي وچ اوڀر جي تاريخ جا طاقتور ترين حملا ڪيا: ٽرمپ
آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته سندس هدايت تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي فوجي هدفن ۽ خارگ ٻيٽ تي وچ اوڀر جي تاريخ جا طاقتور ترين حملا ڪيا.
آمريڪي صدر چيو ته ڪجهه سببن جي ڪري ان ٻيٽ جي تيل جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، ان باوجود به صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران يا ڪو ٻيو آبناءِ هرمز ۾ آزاد ۽ محفوظ جهاز راني ۾ مداخلت ڪندو ته هو فوري طور تي ان فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو.
پرنس سلطان ايئر بيس تي ايراني حملن ۾ 5 جهازن کي نقصان پهتو: آمريڪي اخبار
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 آمريڪي ري فيولنگ جهازن کي نقصان پهتو، پنج ئي جهازن کي ايراني ميزائلن سبب نقصان پهتو ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي.
آمريڪي اخبار موجب، جهازن کي نقصان پهچڻ دوران ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، هن وقت تائين آمريڪا جا 7 ري فيولنگ جهاز نقصان جو شڪار ٿي چڪا آهن.