سنڌ جي نون ڀرتي ٿيل 3 هزار استادن لاءِ عيد تي پگهارن جو آسرو ختم، اي جي سنڌ پاران پابندي

ڪراچي  (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ نوان ڀرتي ٿيل هزارين استاد عيد تي پڻ پگهارن کان محروم رهندا. اڪائونٽنٽ جنرل (اي جي) سنڌ، ايس ايس ٽي گريڊ 16 ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ 17 جي استادن جي پگهارن جي جاري ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اي جي سنڌ موجب، ڪجهه اسڪولن ۾ ضرورت کان وڌيڪ (اضافي) استادن جي ڀرتي ۽ من پسند پوسٽنگز سبب پگهارون جاري نٿيون ڪري سگهجن. لڳ ڀڳ 3 هزار استاد اهڙا آهن جيڪي هن عيد تي پگهارن کان محروم رهندا. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته خالي پوسٽ جي تصديق کان سواءِ پگهار جاري نه ڪئي وڃي. سڪريٽري تعليم زاهد عباسي جو چوڻ آهي ته هي مسئلو تڏهن پيدا ٿيو جڏهن استادن اسڪولن ۾ کوٽ جي باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ من پسند پوسٽنگز ڪرائي ورتيون.  حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.