سعودي عرب پاران پاڪستان ذريعي ايران کي خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش

رياض/لاهور (عمران شفقت) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو گڏيل سعودي دورو انتهائي اهم ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جو ڪامبيٽ يونيفارم (جنگي لباس) ۾ سعودي ولي عهد سان ملڻ رڳو خيريت پڇڻ لاءِ ناهي، پر ان جو مقصد خطي ۾ جاري جنگ جي تناظر ۾ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ آهي. آرمي چيف جي هن دوري جو اڳواٽ اطلاع ميڊيا يا سسٽم ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي نههو. وزيراعظم سان گڏ اسحاق ڊار جي موجودگي پڻ تمام گهڻي اهم آهي.  امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سعودي عرب پاڪستان  ذريعي ايران کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هو پنهنجي سرزمين تان آمريڪي اثر گهٽائيندو ته جيئن جنگ جي باهه کيس متاثر نه ڪري. سعودي عرب آمريڪا جي بجاءِ پاڪستان سان پنهنجي دفاعي معاهدي کي اڃا وڌائي سگهي ٿو.  جي سيون ملڪن پاران صدر ٽرمپ تي جنگ جلد ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چين کان مدد گهري رهيو آهي ته هو ايران سان معاملا طئي ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.