اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آپريشن غضب لِلحق ۾ فتنه خوارج ۽ افغان طالبان جي نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عطا تارڙ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته آپريشن ۾ هينئر تائين 663 فتنه خوارج/افغان طالبان مارجي ويا ۽ 887 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
سڌ سماءُ واري وزير موجب، آپريشن دوران 249 چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 44 چيڪ پوسٽون قبضو ڪري تباهه ڪيون ويون.
عطا تارڙ چيو ته آپريشن دوران 224 ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون ۽ توپ خانه تباهه ٿي چڪا آهن.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪار ڍانچن جا 70 ٿاڪ هوائي ڪارروائين ۾ نشانو بڻايا ويا، جڏهن ته 12 ۽ 13 مارچ جي وچ واري رات پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي حملو ڪيو.
عطا تارڙ موجب، ڪابل، پڪتيا ۽ قنڌار ۾ دهشتگردن ۽ سندن لاجسٽڪ بيسز ۽ تربيتي ڪيمپن کي نشانو بڻايو ويو.
سڌ سماءُ واري وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آپريشن غضب للحق دوران ڪنهن به شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو ويو، افغان عبوري حڪومت جي ڪجهه عهديدارن ۽ ميڊيا طرفان غلط واويلا ڪئي پئي وڃي.