فيفا ورلڊ ڪپ، ايراني ٽيم آمريڪا آئي ته رانديگرن جون زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايراني ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا آئي ته انهن جون زندگي خطري ۾ پئجي سگهين ٿيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي قومي فٽبال ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 کان پري رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو سندن پنهنجي جان ۽ سلامتي لاءِ بهتر ٿي سگهي ٿو.
هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌي رهي آهي.
واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ هلندڙ سال 11 جون کان 19 جولاءِ تائين آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ گڏيل طور تي کيڏيو ويندو.
ايراني ٽيم ايشيائي ڪواليفائنگ مرحلي ۾ گروپ اي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي لڳاتار چوٿون ڀيرو ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، پر موجودا سياسي صورتحال سبب ايران جي شرڪت غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن.
ايراني فٽبال فيڊريشن جي سربراهه مهدي تاج چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت مشڪل آهي.
اهڙي طرح ايران جي راندين واري وزير هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته تازن حملن ۽ ڇڪتاڻ کانپوءِ ٽيم لاءِ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ممڪن نه رهيو آهي.
ٻئي پاسي فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته کيس آمريڪي صدر طرفان پڪ ڏياري وئي آهي ته ايراني ٽيم کي ٽورنامينٽ ۾ ڀليڪار ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته فٽبال دنيا کي ڳنڍڻ جو ذريعو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.