مائيڪل وان ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ” احمق ترين“ ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ٽورنامينٽ جي ”سڀ کان بيوقوف ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ مائيڪل وان چيو ته ڏکڻ آفريڪا سپر ايٽ مرحلي ۾ اهڙا نتيجا حاصل ڪيا جن نيٺ ٽورنامينٽ جو رخ ئي موڙي ڇڏيو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا گروپ مرحلي ۽ سپر ايٽ ٻنهي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ناقابلِ شڪست رهندي سيمي فائنل تائين پهتي هئي.
ان باوجود به ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
مائيڪل وان جو چوڻ هو ته سپر ايٽ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ڏکڻ آفريڪا جي ڪاميابي اڻ سڌي طرح ڀارتي ٽيم کي ٽورنامينٽ ۾ برقرار رهڻ جو موقعو ڏنو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کان هارائي وڃي ها ته ڀارت شايد سپر ايٽ مرحلي ۾ ئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وڃي ها.
وان چيو ته بعد ۾ ڀارت زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي مقابلي ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي.
هن وڌيڪ چيو ته وڏا ايونٽ کٽڻ لاءِ اڪثر مضبوط ٽيمن کي شروعاتي مرحلي ۾ ئي مقابلي مان ٻاهر ڪرڻ هڪ اثرائتي حڪمت عملي ثابت ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.