اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ باوجود پيٽروليم شين جي قيمتن واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته عام ماڻهو تان ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ پيٽروليم شين جي اگهنواڌ نه پئي ڪئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته واعدي موجب جيترو ٿي سگهيو ڏکين حالتن ۾ عوام تائين رليف پهچائينداسين.
هن چيو ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي معيشت هن وقت دٻاءَ هيٺ آهي، عالمي معيشت تي دٻاءَ سبب پاڪستان جي معيشت تي به گهرا اثر پوڻ جو خدشو آهي.
وزيراعظم چيو ته وقتائتي حڪمت عملي ۽ مالي نظم ۽ ضبط سان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي، ڏکين حالتن ۾ غريب ماڻهو تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ اشرافيه ۽ حڪومت کان شروعات ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
هن چيو ته اهو سٺو سنئوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي بچت قدمن تي صوبائي حڪومتون به ساٿ ڏئي رهيون آهن، الله جي ڪرم ۽ سفارتي ۽ معاشي ٽيم جي ڪوششن سان ڪچي تيل جو ملڪي گهرجن لاءِ مناسب مقدار موجود آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ اوڳاڙي جي روڪٿام يقيني بڻائي رهيون آهن، دعا آهي ته عالمي سطح تي حالتون بهتر ٿين ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ استحڪام اچي.