سيول/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڏکڻ ڪوريا ۾ لڳل پنهنجو جديد دفاعي ميزائل سسٽم ٿاڊ اسرائيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا هن منتقلي جون وڊيوز پڻ جاري ڪيون آهن. رپورٽن موجب، آمريڪي فوجي ٽرانسپورٽ جهازن ڏکڻ ڪوريا جي اوسان ايئر بيس تان دفاعي سامان کڻي اسرائيل ڏانهن اڏامون ڀريون. ان سان گڏوگڏ، ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود سوين آمريڪي فوجين کي پڻ وچ اوڀر موڪليو ويو آهي. ياد رهي ته هي سسٽم اصل ۾ ڏکڻ ڪوريا کي اتر ڪوريا جي ميزائل حملن کان بچائڻ لاءِ لڳايو ويو هو، پر هاڻي علائقائي ضرورتن کي ڏسندي ان کي اسرائيل منتقل ڪيو ويو آهي.