روسي انٽيليجنس ۽ چيني ٽيڪنالاجي ايران کي آمريڪا آڏو بيهاري ڇڏيو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) واشنگٽن پوسٽ ۽ نيو يارڪ ٽائمز جي رپورٽن موجب، وچ اوڀر ۾ جاري جنگ هاڻي رڳو ٽينڪن يا ميزائلن جي جنگ ناهي رهي، پر هي اليڪٽرانڪ وارفيئر بڻجي چڪي آهي. ٽن آمريڪي عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته روس پاران ايران کي انتهائي حساس انٽيليجنس فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ آمريڪي بحري ٻيڙن ۽ جهازن جا صحيح لوڪيشن شامل آهن. روس ايران کي پنهنجي جديد سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ (جهڙوڪ ڪانپوس-V يا ‘خيام’) ذريعي تصويرون ۽ ڊيٽا فراهم ڪري رهيو آهي. ان جي مدد سان ئي ايران ڪويت ۾ آمريڪي اڏي تي اهڙي جڳهه تي نشانو بڻايو، جنهن جا ڪوآرڊينيٽس ڪنهن به عوامي نقشي تي موجود نه هئا. چين ايران جي ريڊار سسٽم کي جديد بڻائي  ڇڏيو آهي. چيني ‘YLC-8B’ اينٽي اسٽيلٿ ريڊار آمريڪا جي مهانگن ترين اسٽيلٿ جهازن (جهڙوڪ F-35) کي به ڳولي سگهي ٿو. ان کان سواءِ ايران چين کان 50 کن CM-302 سپرسونڪ ميزائل حاصل ڪرڻ وارو آهي، جن کي ڪيريئر ڪلر (بحري ٻيڙا تباهه ڪندڙ) چيو وڃي ٿو. هي ميزائل آواز کان ٽي ڀيرا تيز رفتار سان هلن ٿا. آمريڪا ۽ اسرائيل به خاموش ناهن، انهن آپريشن رورنگ لائن ذريعي ايران جي ڪيترن ئي ريڊارن کي تباهه ڪري کين انڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر روس ۽ چين جي مدد سان ايران هاڻي اهڙي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي جو هو آمريڪا جي ٽيڪنالاجي جي برتري کي چئلينج ڪري رهيو آهي. عرب ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني ميزائلن جي پنهنجي هدف کي صحيح نشانو بڻائڻ واري صلاحيت ۾ واڌ جو سبب چين جو جديد سيٽلائيٽ نظام ’بيڊو‘ ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب، ايراني ميزائلن جي بهتر ڪارڪردگي ثابت ڪري ٿي ته هنن هاڻي آمريڪي GPS تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو آهي. چين جو بيڊو نظام،  آمريڪي GPS ۽ روسي نظام کان وڌيڪ سيٽلائيٽس رکي ٿو، جنهن ڪري ان جي لوڪيشن وڌيڪ صحيح هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.