تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگبندي لاءِ 3 شرط رکي ڇڏيا.
مسعود پزشڪيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايران جا آئيني حق تسليم ڪيا وڃن، جنگ ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اڳتي ايران خلاف جارحيت نه ٿيندي، عالمي طاقتون ان جي ضمانت ڏين.
هن چيو ته مان روسي صدر ۽ پاڪستاني وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن لاءِ ايران جي عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو آهي.
You might also like