آءِ ايم ايف جو وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب پاڪستان تي پوندڙ معاشي اثرن تي بحث، پڌرائي جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستان سان ڳالهين ۾ اتساهيندڙ افزا اڳڀرائي ٿي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهين کي حتمي شڪل ڏينداسين.
آءِ ايم ايف پاڪستان سان 25 فيبروري کان 11 مارچ تائين ٿيل ڳالهين بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏيي آهي.
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سڌارن ۽ ماحولياتي شعبي ۾ پاڪستان جي بهترين ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي (اِي ايف ايف) پروگرام تحت اسٽاف ليول معاهدو نه ٿي سگهيو.
آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب، پاڪستان سان ڳالهين ۾ اُتساهيندڙ اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان سڌارن جي ايجنڊا تي سٺو ڪم ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قدمن تي به اڳڀرائي ٿي آهي.
آءِ ايم ايف موجب، پروگرام تي عملدرآمد مجموعي طور واعدن موجب رهيو، مالي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ پبلڪ فنانس مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
آءِ ايم ايف موجب، توانائي واري شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بابت به ڳالهيون ٿيون، سماجي تحفظ، صحت ۽ تعليم جي خرچن ۾ واڌ بابت معاشي ٽيم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آءِ ايم ايف مهانگائي کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکڻ تي زور ڏنو.
ڳالهين دوران وچ اوڀر واري جنگ جي معاشي اثرن تي به ويچاريو ويو خطي جي بحران جا پاڪستان تي پوندڙ اثر به بحث هيٺ آيا ، آءِ ايم ايف ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهين کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.