اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ عهديدارن جا گهر ڀاتي، ويجها ساٿي ڪاروبار نه ڪري سگهندا، ريگيوليشنز تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ عهديدارن لاءِ ريگيوليشنز تيار ڪري ورتيون، جنهن موجب اهڙن ماڻهن جا ويجها ساٿي ۽ گهر ڀاتي ڪاروبار نٿا ڪري سگهن.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ سينيٽر فاروق نائيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ عهديدارن لاءِ ريگيوليشنز تيار ڪيون آهن.
فاروق نائيڪ جو چوڻ هو ته ريگيوليشنز موجب، اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ عهديدارن جي ويجهن ساٿين کي به پي اي پي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سياسي شخصيتن ۽ اهم اعليٰ اختيارين جي ڪٽنب ۽ ويجهن ساٿين کي پي اي پي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ريگيوليشنز موجب ويجها ساٿي ڪو به ڪاروبار نٿا ڪري سگهن.
ان تي سينيٽر عبدالقادر چيو ته ڪاروبار ڪرڻ هر ماڻهوءَ جو حق آهي، بئنڪن واري ڪلچر کي تبديل ڪيو وڃي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايف اي ٽي ايف جي شرطن موجب ريگيوليشنز ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي سگهي ٿو.
ان تي سليم مانڊوي والا چيو ته ريگيوليشنز تي نظرثاني ڪئي وڃي، ويجهن ساٿين جي تعريف جو دائرو وڌايو ويو آهي، اهم سياسي شخصيتن ۽ اعليٰ عهديدارن جي بئنڪ اڪائونٽن واري معاملي تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.