اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي نجي اسپتال منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس ارباب طاهر درخواست گذار جي ويڪل کي چيو ته اسان گوگل به ڪيو هو، ڊاڪٽر نديم قريشي بهترين ريٽينا اسپيشلسٽ آهي، توهان کين شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪري ٽيسٽ ڪرائي وٺو، اسان اهو نه چونداسين ته هيترا ڏينهن رکو، ايترو وقت رکو، اهو تسليم ٿيل آهي ته مسئلو آهي ۽ علاج ٿي رهيو آهي.
عدالت چيو ته اسان اهو نه چونداسين ته ٽي ڏينهن يا ٽي مهينا رکو، ڏسو هي سڄي ذميواري توهان کڻي رهيا آهيو، جيڪڏهن سڀاڻي ڪجهه ٿيو ته ڇا توهان ذميواري کڻندئو؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل اياز شوڪت چيو ته اسان ذميواري کڻنداسين.
عدالت عمران خان کي جيل مان خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ٿوري دير کانپوءِ ٻڌائيندي استدعا رد ڪري ڇڏي.
عدالت طرفان چيف ڪمشنر کي ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ ۽ بورڊ ۾ ڊاڪٽر عارف ۽ ڊاڪٽر نديم قريشي کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عدالت چيو ته ميڊيڪل بورڊ فيصلو ڪندو ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻو آهي يا نه.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل رولز موجب فيملي کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم قريشي فيملي سان رابطي ۾ رهي.