وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: وزيراعظم هنگامي دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڪلاڪن جي هنگامي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسن اندرابي موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ آهي.
ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم جو دورو ٻطرفي ويجهي مشاورت ، خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي رابطن جو حصو آهي، پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي، جنگبندي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.