تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي گڏيل فوجي ڪمان خاتم الانبيا ڪمان جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران هاڻي رڳو جوابي حملي واري پاليسي ختم ڪري ڇڏي آهي۔ابراهيم ذوالفقاري جو چوڻ آهي ته تهران جي نئين پاليسي هاڻي “لاڳيتا حملا” ڪرڻ جي هوندي۔تهران هڪ ليٽر تيل کي آبنائي هرمز مان گذاري آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جي ساٿين تائين پهچڻ نه ڏيندو۔هن چيو ته انهن ڏانهن ويندڙ ڪو به جهاز يا تيل کڻندڙ ٽينڪر جائز فوجي هدف سمجهيو ويندو۔ترجمان وڌيڪ چيو ته “تيل جي في بيرل قيمت 200 ڊالر تائين پهچڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، ڇو ته تيل جي قيمت علائقائي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، جنهن کي توهان پاڻ غير مستحڪم ڪيو آهي.