جنگ سبب مهانگائي وڌندي،عالمي معاشي نظام تبديل، ڊالر جي بالادستي اڃا برقرار؟

اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو) ڇا ڊالر جي بالادستي خطري ۾ آهي؟هاڻي جيڪو تيل مهانگو ٿي رهيو آهي، ان ۾ وڏو حصو انشورنس خرچن جو به آهي. هن وقت اهڙو نظر نٿو اچي ته ڪا هڪ اڪيلي ڪرنسي امريڪي ڊالر کي مڪمل طور تي مٽائي سگهي. جڏهن ته جنگ سبب عالمي طور  مهانگائي ته اچي چڪي آهي ۽ وڌيڪ به اچي سگهي ٿي. آمريڪا وٽ ايترا وسيلا آهن جو هو گهڻي حد تائين تيل جي ضرورت بغير درآمد جي به پوري ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري عالمي توانائي بحران جو سڀ کان وڏو اثر يورپ تي پوندو.ايران جي جنگ سبب دنيا جي معيشت تي سڌو اثر پئجي رهيو آهي:اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شيئرن جون قيمتون گهٽجي رهيون آهنڪاروباري سرگرميون سست ٿي رهيون آهنملٽي نيشنل ڪمپنين کي واپار ۽ آمدني ۾ مسئلا پيش اچي رهيا آهن ماهرن جو چوڻ آهي ته هي جنگ صرف فوجي نه پر عالمي معاشي نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو حصو به ٿي سگهي ٿي،1945ع کان پوءِ جيڪو عالمي نظام ٺهيو هو، اهو اڪثر مغربي ملڪن جي قيادت ۾ هو، خاص طور تي آمريڪا جي. پر هاڻي دنيا آهستيآهستي ملٽي پولر ورلڊ (گهڻ مرڪزي دنيا) ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن ۾ چين ۽ روس جهڙيون طاقتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.ڊالر جي عالمي طاقت جو هڪ اهم سبب پيٽرو ڊالر نظام آهي،  ڪجهه ملڪ برڪس  جهڙن اتحاد ذريعي اهڙو معاشي نظام ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جتي شايد هڪ نئين عالمي ڪرنسي هجي يا مختلف ڪرنسين جو گڏيل نظام هجيپر هن وقت تائين ڊالر جي متبادل ڪا هڪ ڪرنسي نظر نٿي اچي.هن جنگ جو سڀ کان وڏو اثر توانائي تي پوندو،تيل مهانگو ٿيندوگئس جي قيمتون به وڌنديون توانائي مهانگي ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي ڪجهه ماهرن موجب هن جنگ مان روس کي فائدو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته يورپ کي توانائي جي ضرورت آهي روس وٽ گئس ۽ تيل جا وڏا ذخيرا آهن, ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا يا اسرائيل طرفان ايٽمي هٿيار استعمال ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي، ڇو ته ايران وڏو ملڪ آهي، مڪمل تباهه نه ٿيندوپر اسرائيل تمام ننڍو آهي، ايٽمي حملي سان مڪمل ختم ٿي سگهي ٿوايٽمي جنگ سان عالمي سطح تي وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿوجنگ سبب مهانگائي وڌندي عالمي معاشي نظام تبديل ٿي سگهي ٿو پر ڊالر جي بالادستي فوري طور ختم ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.