اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جو افغانستان ۾ آپريشن غضب لِلحق جاري آهي، زوب ۾ دهشتگرد چيڪ پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، آپريشن ۾ هينئر تائين مارجي ويلن جو انگ 641 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 855 زخمي ۽ 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج پاڪ-افغان سرحد وٽ زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو.
پاڪ فوج جي وقتائتي ۽ ڀرپور ڪارروائي سبب بزدل افغان طالبان پوسٽون ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويا.
پاڪ فوج افغان طالبان جي قبضي هيٺ پوزيشنن مان روسي ساخت جا 73 ملي ميٽر HGL-9 هيوي گرينيڊ لانچرز قبضي ۾ وٺي ڇڏيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جون طاقتور جوابي ڪارروائيون ڀارتي پراڪسي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن.
آپريشن بابت سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ تفصيل جاري ڪندي چيو ته اڄ شام4 وڳي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 641 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 855 کان وڌيڪ زخمي آهن.
هن چيو ته آپريشن دوران هينئر تائين 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن، 42 پوسٽون قبضي ۾ وٺي تباهه ڪيون ويون، 219 ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون ۽ توپون تباهه ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته افغانستان ۾ 65 دهشتگردن جي ٿاڪنا ۽ مددگار هنڌن کي هوائي ڪارروائين ۾ اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو آهي.
آپريشن غضب لِلحق: افغان طالبان زوب ۾ پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 641 ٿي ويو
You might also like