ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) وڊيو جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ رانديگرن کان وڌيڪ جئه شاهه کي نمايان طور ڏيکاريو ويو آهي.
بي سي سي آءِ گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي فتح جي جشن واري وڊيو جاري ڪئي جيڪا 37 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي پر وڊيو جي 16 سيڪنڊن مان 12 سيڪنڊن ۾ جئه شاهه شامل واضح طور نظر اچي رهيو آهي.
وڊيو ۾ فتح جو هيرو سنجو سيمسن جي رڳو هڪ جهَلڪ ئي شامل ڪئي وئي، بي سي سي آءِ جي وڊيو تي ڀارتي فينز به سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي.
واضح رهي ته جئه شاهه ماضي ۾ به ڀارتي ٽيم جي ڪاميابين جي وڊيوز ۾ نمايان نظر ايندو رهيو آهي.