اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، اوگرا ايل پي جي جي قيمتن بابت ڪو به نئون نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.
پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايل پي جي جا اگهه هر مهيني جي پهرين تاريخ کان لاڳو ٿيندا آهن، ايل پي جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪا به دعويٰ يا افواهه غلط آهي.
پڌرائي موجب، اوگرا واهپيدارن کي مقرر ڪيل قيمتن تي ايل پي جي خريد ڪرڻ ۽ ايل پي جي جي وڌيڪ قيمت وصول ڪرڻ جي صورت ۾ مقامي انتظاميا سان ترت رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا ايل پي جي جي اگهن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.