اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته مان پاڻ پيٽرول پمپ جو مالڪ آهيان،ڪمپنين طرفان پيٽرول فراهم نه ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته هن وقت صرف سرڪاري ڪمپني پي ايس او پيٽرول فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين نجي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاران سپلائي بند ڪئي ويئي آهي.هن سوال ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾، جڏهن مارڪيٽ ۾ اڳ ۾ موجود تيل جي فراهمي به روڪي وئي آهي، قيمتن ۾ اضافي جو ڇا جواز آهي؟هن زور ڀريو ته 55 رپيا في ليٽر اضافي ۽ اربين رپيا ڪمپنين جي ڪمائي جو معاملو آهي،پ پ ايم اين اي شهلا رضا چيو ته حڪومت رمضان جي مهيني ۾ قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام کي عيدي وصول ڪئي آهي،ايم اي اي شازيا عطا مري چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪري ايف بي آر جي نااهلي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي،هن چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙي بهتر ناهي،ان ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽرول مهانگو ڪري عوام کان رقم وصول ڪئي پئي وڃي،اها سراسر ناانصافي آهي
تيل اگهن تي پ پ منافقت پئي ڪري:جنيد اڪبر
اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف پيپلز پارٽي مهانگائي تي شور ڪري رهي آهي، ۽ ٻئي طرف جڏهن پي ٽي آءِ اسمبلي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن بابت ڳالهائڻ چاهي، ته پيپلز پارٽي جي ڊپٽي اسپيڪر ئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيوهن چيو ته حقيقت اها آهي ته عوام کي لوٽڻ جي ايجنڊي تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ مڪمل طور هڪ ئي صفحي تي آهن،پ پ منافقت کان ڪم وٺي رهي آهي.