آبنائي هرمز جي بندش جا تباهه ڪندڙ نتيجا نڪرندا:سعودي عرب

رياض(عوامي آواز نيوز)سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو امين الناصر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز ۾ جهاز راني ۽ تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽن جو سلسلو جاري رهيو ته عالمي تيل مارڪيٽن تي ان جا تباهه ڪن اثرٿي سگهن ٿا۔الناصر اڱاري ڏينهن ڪمپني جي مالي سال 2025 جي نتيجن جي اعلان کان پوءِ اهو بيان ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده بحران “هاڻي تائين خطي ۾ تيل ۽ گئس جي صنعت کي پيش آيل سڀ کان وڏو ۽ سنگين بحران” آهي، ٻئي طرف ايران جي پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا جاري رهيا ته هو وچ اوڀر مان “هڪ ليٽر تيل به گذرڻ نه ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.