توڙي جو اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر ايران خلاف حملن ۾ شامل نه ٿينداسين: امارات

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ايران خلاف حملا نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ يو اي اي جي سفير جمال المشرخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته توڙي جو اسان کي بنا سبب نشانو بڻايو پيو وڃي پر وچ اوڀر جي موجوده جنگ ۾ ايران خلاف ڪنهن قسم جي حملن ۾ شامل نه ٿينداسين.
هن چيو ته اسان جو ان معاملي تي اڳ ۾ به موقف واضح هو ۽ هاڻ انهن حالتن ۾ جڏهن صورتحال پنهنجي موجوده پوزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي ته اسان جو ملڪ ايران خلاف پنهنجي رياستي علائقي مان ڪئي ويندڙ ڪنهن به حملي ۾ شامل نه ٿيندو، اسان ان تڪرار ۾ شامل نٿا ٿيڻ چاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.