تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب آمريڪي صدر طرفان جنگ جي جلد خاتمي جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي.
پاسداران انقلاب چيو آهي ته جنگ جي خاتمي جو فيصلو ايران ڪندو ۽ جيڪڏهن حملا جاري رهيا ته خطي مان تيل جون برآمدون روڪڻ جي پاليسي برقرار رکي ويندي.
هوڏانهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته ايران 6 هزار سال پراڻي تهذيب جو وارث آهي، لاهن چاڙهڻ باوجود ڪا طاقت ان کي نه مِٽائي سگهي، ايران کي تباهه ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ تاريخ کان واقف ناهن، حملي آور ايندا ۽ ويندا رهيا پر ايران قائم رهيو.
You might also like