وچ اوڀر ڇڪتاڻ، اتر ڪوريائي اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويو، آمريڪا کي تنبيهه

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن پهريون ڀيرو کليل ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري موجب ڪم جونگ اُن فوجي اهلڪارن جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران جي سلامتي تي حملا عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهن.
هن چيو ته سندس ملڪ جنگ جو خواهشمند ناهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ان کان پوئتي به نه هٽندو.
سندس چوڻ هو ته اڄوڪي دنيا ۾ رڳو اهي ملڪ ئي پنهنجو وجود بچائي سگهن ٿا، جن وٽ بي پناهه طاقت آهي، ڇاڪاڻ ته اولهه ملڪ ”گينگسٽر“ واري طرز (بدمعاشي) تي هلي رهيا آهن.
هن آمريڪا کي خبردار ڪيو ته اهڙيون ڪارروائيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.