تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جو جواب ڏيندي چيو آهي ته عاشوري سان محبت ڪندڙ قوم کي کوکلي ڌمڪين سان نٿو ڊيڄاري سگهجي.
علي لاريجاني سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اڳ به ڪيترن ئي ماڻهن اهڙين دعوائون ڪيون پر ناڪام رهيا، پنهنجو خيال رکو ڪٿي ائين نه ٿئي جو مِٽجي وڃو.
هن چيو آبنائي هرمز ته سڀني لاءِ خوشحالي جو لنگهه هوندو يا جنگ پسندن لاءِ شڪست ۽ تڪليفن جو لنگهه بڻجي ويندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز کي بند رکيو ويو ته ايران تي وڏا حملا ڪيا ويندا.
Prev Post
You might also like