ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري نجومڻ سامعه خان اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ايراني سپريم ليڊر سان ڪيو آهي، تمام جلد ان سان به ائين ئي ٿيڻ وارو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سامعه خان اڳڪٿي ڪري ٿي ته 21 مارچ 2026 تائين جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ختم نه ٿي ۽ ڳالهين ذريعي معاملا حل نه ٿيا ته اها عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي ويندي.
هن چيو ته هن وقت آسمان تي ستارا ابتا هلي رهيا آهن، مطلب جيڪي ستارا زمين کي ٽف ٽائم ڏئي سگهن ٿا، هي حيران ڪندڙ طور 14 ڏينهن بدران ٻن مهينن تائين آسمان تي ابتا هلي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هن وقت آسمان تي ستارن جو غضب ناڪ موڊ آهي، آمريڪا ۾ حالتون خراب ٿيڻيون آهن ۽ ڀارت ۾ به حالتون خراب ٿينديون، سعودي عرب تي به ٽف ٽائم ايندو ۽ وچ اوڀر ۾ بحران ايندو، اڃا ته يورپ ۾ به بحران اچڻو آهي.
You might also like