سنڌ ۾ اسڪول 31 مارچ تائين بند، جمعي تي ورڪ فرام هوم، بچايل پيسو عوام تي خرچ ڪبو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ اسڪول بند ڪرڻ سميت ٻيا اهم فيصلا ڪيا ويا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اسڪول 16 مارچ کان 31 مارچ تائين بند کرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سرڪاري گاڏين جو ٻارڻ 50 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي، نين گاڏين ۽ فرنيچر جي خريداري تي پابندي لڳائي وئي آهي، وزيرن پوليس سيڪيورٽي جون گاڏيون سرينڊر ڪيون آهن، 60 سيڪڙو گاڏين کي ٻن مهينن لاءِ بند ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جمعي تي سرڪاري آفيسن ۾ موڪل نه هوندي پر ورڪ فرام هوم ٿيندو، سرڪاري آفيسن ۾ ريفريشمينٽ تي ٻن مهينن لاءِ پابندي هوندي، غير ضروري پروٽوڪول کان پاسو ڪيو ويندو، ڪا به سرڪاري تقريب ڪنهن هوٽل ۾ نه پر سرڪاري عمارت ۾ ٿيندي، جڏهن ته ايم پي ايز جي پگهارن بابت فيصلو سنڌ اسيمبلي ڪندي.
سندس چوڻ هو ته سرڪاري سطح تي افطار ڊنر تي پابندي هنئي وئي آهي، اسان بچت ڪرڻ چاهيون ٿا پر معيشت کي ڌڪ نٿا ڏيڻ چاهيون، عيد جي ڏينهن ۾ دڪانن جا وقت ساڳيا ئي رهندا، وفاقي حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ خوشي سان ناهي ڪئي، بچايل پيسو عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.