وزيراعظم شهباز شريف جي مجتبيٰ خامنه اي کي مبارڪباد ۽ شهادتن تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران جي نئين چونڊيل سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي کي خط لکيو آهي.
وزيراعظم خط ۾ آيت الله خامنه جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو، گڏوگڏ هن پاڪستاني عوام طرفان ايراني ڀائرن ۽ مسلم امت لاءِ دعائون ڪيون.
خط جي متن موجب آيت الله خامنه اي جي شهادت تي پاڪستاني عوام ڏکارو آهي، هن ڏکئي وقت ۾ ايران جي قيادت ۽ عوام سان گڏ بيٺا آهيون.
وزيراعظم چيو ته توهان کي ايران جي سپريم ليڊر جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا، اميد ته توهان جي قيادت ايندڙ سالن ۾ ايران ۾ امن، استحڪام، وقار ۽ خوشحالي ڏانهن رهنمائي ڪندي.
شهباز شريف ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد لاءِ گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي تي ٻڌل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.