تيل اگهه وڌائي آئل ڪمپنين کي فائدو پهچايو ويو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هن وقت تيل اگهه وڌائڻ آئل ڪمپنين کي وڌيڪ منافعو ڏيڻ برابر آهي.
پنهنجي بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته آئل ڪمپنيون جيڪو پيٽرول ۽ ڊيزل کپائي رهيون آهن، اهي 28 فيبروري کان اڳ گهٽ قيمت تي ورتو ويو هو، هاڻي ئي اگهه وڌائڻ ۽ ڪمپنين کي وڌيڪ منافعو ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.
هن چيو ته اهو ائين ئي آهي، جيئن حڪومت شگر ملن کي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، ان سان شگر مل مل مالڪن جو منافعو وڌيو پر عوام کي نقصان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.