جنگي صورتحال: وزير ٻن مهينن جي پگهار نه کڻندا، سرڪاري دورن تي پابندي، فيول الائونس اڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال کي ڏسندي وزيراعظم جي صدارت هيٺ بچت پاليسي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد ۽ ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ جنگي صورتحال سبب اهم فيصلا ڪيا ويا، حڪومت جون 2026 تائين نين شين جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ڪابينا ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهي سرڪاري دورن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي.
سڀني سرڪاري گاڏين کي ايندڙ ٻن مهينن لاءِ ٻارڻ جي فراهمي اڌ ڪئي وئي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون ٻن مهينن لاءِ گرائونڊ ڪيون وينديون، جڏهن ته جون 2026 تائين نين گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي هوندي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا سمورا وزير، صلاحڪار ۽ مددگار رضاڪاراڻي طور ٻن مهينن جي پگهار ۽ الائونس ڇڏيندا، سڀني وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ 20هين گريڊ ۽ ان کان مٿي، 3 لک کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ سرڪاري آفيسرن جي ٻن ڏينهن جي پگهار ڪاٽي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.