مجتبيٰ خامنه اي نئون سپريم ليڊر مقرر، ايران جا اسرائيل تي تازا حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت ۾ پاسداران انقلاب اسرائيل تي نوان ميزائل حملا ڪيا آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب تهران پنهنجي نئني اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل ڏانهن ميزائل هلايا آهن، ميزائل جي تصوير به جاري ڪئي وئي، جنهن تي ”لبيڪ سيد مجتبيٰ“ لکيل آهي.
ان کان اڳ مجلس خبرگان رهبري آيت الله خامنه اي شهيد جي پٽ مجتبيٰ علي کي سپريم ليڊر طور متعارف ڪرايو، ايران جي سياسي ۽ عسڪري قيادت نئين سپريم ليڊر سان وفاداري جو عهد به ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.