وچ اوڀر ۾ جنگ سان توانائي اگهن ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي:منصوبابندي وزارت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان جي وزارتِ منصوبابندي خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀرٰ ۽ نار ۾ جاري جنگ سبب عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن جو اثر پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو۔وزارت پاران جاري ڪيل ماهوار ڊولپمينٽ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀرٰ ۽ نار ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي توانائي ۽ مالي مارڪيٽن ۾ لاهو چاڙهو وڌي ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي خارجي شعبي لاءِ ممڪن خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو۔رپورٽ موجب آبنائي هرمز دنيا جي تقريباً 20 سيڪڙو تيل جي فراهمي جو اهم رستو آهي،جيڪڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته پاڪستان جو درآمدي بل وڏي حد تائين وڌي سگهي ٿو، ڇو ته ملڪ جي درآمدن ۾ پيٽروليم شين جو وڏو حصو شامل آهي۔ان کان علاوه وچ اوڀرٰ ڏانهن ويندڙ برآمد، جيڪي پاڪستان جي ڪل برآمد جو تقريبن 11 سيڪڙو آهن، علائقي ۾ ممڪن رڪاوٽن سبب دٻاءُ هيٺ اچي سگهن ٿيون۔رپورٽ موجب جيڪڏهن تڪرار ڊگهو ٿي ويو ته ترسيلاتِ زر) به متاثر ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته لڳ ڀڳ 45 کان 50 لک پاڪستاني نار وارن ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا، ۽ اهي ملڪ پاڪستان کي ملندڙ ڪل ترسيلاتِ زر جو اڌ کان وڌيڪ حصو فراهم ڪن ٿا۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال مٽاسٽا جي شرح جي استحڪام، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مالي دٻاءَ تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿي۔وزارتِ منصوبابندي صلاح ڏني آهي ته انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي توانائي جي ذريعن ۾ تنوع آڻڻ،برآمد کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ،پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي تحفظ لاءِ هنگامي منصوبه بندي ڪرڻ جيئن قدم کڻڻ گهرجن، ته جيئن خارجي شعبي جي استحڪام برقرار رهي۔رپورٽ مطابق مالي سال 2026 جي پهرين اٺن مهينن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان استحڪام ڏٺو ويو، جنهن جو سبب محتاط ۽ هم آهنگ معاشي پاليسيون قرار ڏنيون ويون آهن۔جولاءِ کان فيبروري 2026 تائين اوسط مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي، البته فيبروري 2026 ۾ بجلي جي اگهن ۾ تبديلي سبب عارضي اضافو ڏٺو ويو۔ساڳئي عرصي ۾ وڏي صنعتن جي پيداوار ۾ جولاءِ کان ڊسمبر تائين مجموعي واڌ رڪارڊ ٿي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ گهٽتائي ٿي هئي، جيڪا معاشي سرگرمين جي بحالي ڏانهن اشارو ڪري ٿي۔رپورٽ موجب تعميرات ۽ آٽوموبائل شعبي ۾ به تيز ترقي ڏٺي وئي،شين ۽ خدمتن جي برآمد مستحڪم رهي،خدمتن جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي مددگار ثابت ٿي،معاشي بحالي سان گڏ درآمد ۾ به اضافو ٿيوجڏهن ته ترسيلاتِ زر خارجي شعبي کي سهارو ڏنورپورٽ موجب مالي ڪارڪردگي ۾ به سڌارو آيو آهي ۽ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن سان مالي توازن مثبت ٿيو آهي۔تنهن هوندي به رپورٽ خبردار ڪري ٿي ته جيوسياسي ڇڪتاڻ ۽ عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتون اڃا تائين معيشت لاءِ اهم خطرا بڻيل آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.