تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل علي لاريجاني دعويٰ ڪئي آهي ته تازين جهڙپن دوران ڪيترن ئي آمريڪي فوجين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ علي لاريجاني چيو خطي جا ملڪ هاڻ سمجهي چڪا آهن ته آمريڪا انهن جي سلامتي يقيني نٿو بڻائي سگهي.
هن چيو ته جيڪڏهن خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ايران خلاف استعمال ٿيندا ته ايران کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي غلط اندازن ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ ايران تي حملا ڪري ٽرمپ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
علي لاريجاني چيو ته ڏکيائين باوجود ايراني قوم دشمنن خلاف متحد آهي ۽ ملڪي قيادت ۾ ڪنهن قسم جا اختلاف ناهن، ايران جنگ نٿو چاهي پر جارحيت ڪندڙن کي ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.
You might also like