ايران ۾ رجيم چينج منصوبي کي عالمي سطح تي حمايت نه ملي، فوري طور حملا روڪيا وڃن: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي مخالفت ڪندي فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته اها جنگ شروع ئي نه ٿيڻ گهرجي ها ۽ طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي هوندو.
هن چيو ته ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جي منصوبي کي عالمي سطح تي حمايت حاصل ناهي ٿي، ايران ۽ نار ملڪن جي خود مختياري ۽ سلامتي جو احترام ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته خطي ۾ جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ ضروري آهي ۽ وڏين عالمي طاقتن کي ان معاملي تي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.